سرور سهتو

سرور سهتو

سرور سهتو

سرور سھتو: قومپرست اڳواڻ غلام سرور ولد سبز علي سھتو پھرين فيبروري 1939ع تي تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز جي ڳوٺ بُدڪ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ڳوٺ، ڪنڊياري ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايم. اي (سنڌي ادب) ۽ ايل. ايل. بي ڪئي.1961 ع ۾ ھاءِ اسڪول ۾ فزيڪل ٽريننگ انسٽرڪٽر (P.T.I) ٿيو. هن 1965ع ۾ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ شاھھ لطيف اسڪائوٽ گروپ جو بنياد رکيو، جتي ممتاز علي خان ڀُٽو ۽ نثار کُھڙو به اسڪائوٽ جا ميمبر رهيا. سندس قائم ڪيل اسڪائوٽ گروپ ھر سال شاھھ لطيف جي عرس جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام سنڀاليندو آھي. 1976ع ۾ کيس ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن طور ترقي ڏئي، مسلم ڪاليج حيدرآباد بدلي ڪيو ويو. ان دوران ھن 1979ع ۾ فزيڪل ٽريننگ ڪاليج، ناظم آباد ڪراچيءَ مان سينئر ڊپلوما ڪئي. 31 ڊسمبر 1987ع تي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان رٽائرڊ ٿيو. نوڪري دوران سندس لاڙو قومپرستيءَ طرف ٿيو. 1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ شموليت ڪئي ۽ حيدرآباد ڊويزن جو 1977ع کان ٻن سالن تائين آرگنائيزر رهيو. 1980ع ۾ کيس ٻارڙن جي تنظيم ‘لطيف سنگت’ جو مرڪزي نگران مقرر ڪيو ويو، جنھن عھدي تي 1990ع تائين رهيو. ان دوران هُن سڄي سنڌ ۾ لطيف سنگت کي منظم ڪيو ۽ ان جي پليٽفارم تان ‘ترجمان’ رسالي جا ڪجهھ پرچا بھ جاري ڪيا. هن تنظيم پاران تربيتي ورڪشاپ ۽ ٻارن جون ڪانفرنسون ڪرايون ويون. ڀٽ شاھھ ۾ هر سال ‘لطيف سنگت’ جو ميلو لڳرائيندو ھو، جنھن ۾ تحريري، تقريري، ڊرامن ۽ راندين جا مقابلا ڪرايا ويندا ھئا. سرور سھتو اڳتي ھلي جيئي سنڌ محاذ جو وائيس چيئرمئن ٿيو، ان وقت عبدالواحد آريسر پارٽي چيئرمئن ھو. ان بعد مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، جنھن عھدي تي 1995ع تائين رهيو. 1995ع ۾ جي. ايم سيد جي وفات کانپوءِ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جو انضمام ٿيو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) وجود ۾ آئي. ان وقت سرور سھتو، عبدالخالق جوڻيجو ۽ ڪجهھ ٻيا ساٿي ساڳئي ‘جيئي سنڌ محاذ’ ۾ رھيا ۽ انضمام ۾ شامل نھ ٿيا. ان دوران خالق جوڻيجو ’جيئي سنڌ محاذ‘ جو چيئرمئن ۽ سرور سھتو سينئر وائيس چيئرمئن ٿيو. اڳتي ھلي اختلافن بعد 2001ع ۾ جيئي سنڌ محاذ ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي. ھڪ حصي جو چيئرمئن عبدالخالق جوڻيجو ۽ ٻئي جو چيئرمئن سيد زين شاهه ٿيو. هُو زين شاهه سان گڏ تنظيم جو مرڪزي عھديدار رهيو. 2008ع ۾ زين شاهه جي پارٽي ڇڏي وڃڻ بعد سرور سھتو چيئرمئن ٿيو ۽ 2016ع تائين اُن عھدي تي رهيو. سرور سھتي جو ادب ڏانھن بھ لاڙو رھيو. ھن ڪھاڻيون توڙي تحقيقي مضمون لکيا ۽ شاعري پڻ ڪئي. هُن ڪجـهھ عرصي تائيـن ناز سنائيءَ جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي ’چڻنگ‘ ۾ به ڪم ڪيو. پارٽي سرگرمين کي وقت ڏيڻ لاءِ، وقت کان پھرين نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيو ۽ ڪُل وقتي ڪارڪن طور متحرڪ رھيو. ڪجهھ عرصو وڪالت بھ ڪئي. هُن 6 نومبر 2016 تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين اباڻي ڳوٺ بدڪ ۾ ٿي. سندس زندگي ۽ سياسي جدوجھد بابت هڪ ڪتاب ”عشق ۽ محبت جو سفير“(2016ع) جي نالي سان علي نواز آريسر جي ترتيب ۾ شايع ٿيو آهي.


لفظ سرور سهتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.02.01  عيسوي

ناليواري قومپرست اڳواڻ سرور سهتي، پهرين فبروري 1939ع تي تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ بُدڪ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهاول خان عباسي4
دريا خان جکراڻي
فيض محمد سڪندري پتافي
رستم ۽ سهراب1
آغا وقار پٺاڻ
ريواچند نهالچند
حاجي محمد رحيم ڪنڀر
ڀڳتياڻي ھَرِي ديوي
چترا سنگهه
ظهير ڪاشميري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون